احمدپور ۾ پوليس جي ميتلا برادريء جي گهرن تي چڙهائي، گھرن مان ڦرلٽ، عورتن جي تذليل

8 بازدید
بیشتر
Ashraf Ali Maitlo
Ashraf Ali Maitlo
احمدپور ۾ پوليس جي ميتلا برادريء جي گهرن تي چڙهائي، گھرن مان ڦرلٽ، عورتن جي تذليل ڪري وار پٽي تشدت جو نشانو بڻائڻ خلاف احتجاجي م ...
احمدپور ۾ پوليس جي ميتلا برادريء جي گهرن تي چڙهائي، گھرن مان ڦرلٽ، عورتن جي تذليل ڪري وار پٽي تشدت جو نشانو بڻائڻ خلاف احتجاجي مظاهرو، پوليس خلاف سخت نعريبازي ايس ايس پي خيرپور کان نوٽيس وٺڻ جي گهر.. احمدپور لڳ ڳوٺ عيدن ميتلو جي رهواسين احمدپور پوليس جي گهرن تي چڙهائي خلاف ميتلا برادريء جي ماڻهن عورتن ۽ ٻارڙن سميت احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي انور خاتون، حڪيمان خاتون، حضوران خاتون، روشن خاتون، اقبال ميتلو، صاحب ميتلو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته احمدپور پوليس بااثر مخالف جن اسان جي زرعي زمين تي قبضو ڪيو آهي امان الله ميتلو وحيد ميتلو عاشق علي وقار فدا حسين ميتلو ۽ ساڻ ڪري اسان جي گهرن تي چڙهائي ڪري عورتن جا وار پٽي سخت تشدت بعد تذليل جو نشانو بڻايو ويو آهي ۽ گهرن مان ڦرلٽ ڪري سونا زيور ۽ روڪ رقم کڻي وئي آهي ۽ گهر ۾ بيٺل 10 ٻڪريون پڻ ڪاھي وئي آهي ھنن چيو ته پوليس مخالفن کان ڳري رشوت وٺي اسان جي  زمين تي قبضو ڪرائي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي اسان کي لڏائڻ چاهي ٿي جيڪا وڏي ناانصافي آهي هنن ڊي آئي سکر، ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي...

همه توضیحات ...